Monday, November 25, 2013

سچ سوشل ويلفيئر پاران سنڌي جي ڀلوڙ شاعر غفار تبسم جي 62ھين سالگرھ





22 نومبر 2013 تي سچ سوشل ويلفيئر پاران سنڌي جي ڀلوڙ شاعر غفار تبسم جي 62ھين سالگرھ شھيد بينظير ڀٽو لائبرري سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ملھائي وئي .جنھن ۾سنڌ جي ناليوارن اديبن شاعرن ،سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ غفار تبسم جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل،امان الله شيخ، عابد مظھر،ھدايت بلوچ،عبدالحق،ستار ڀٽي،ذوالفقاربھڻ،مرتضي سيال،راڄ راڄپر،غلام قمبرحاجاڻو۽ ٻين مقالا پڙھيا .تقريب جي ڪاروائي مريد ڄامڙو ھلائي.
سچ سوشل ويلفيئر جي چيئرمين آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ اعلان ڪيو ته ايندڙ ڏينھن م جلد ھڪ پروقار ايوارڊ تقريب ڪوٺائي ويندي جنھن ۾ سنڌ جي ناليوارن شاعرن، ليکڪن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا 
ويندا۔



















































No comments:

Post a Comment