Friday, December 20, 2013

Karachi litrary sindhi activitiesثقافتي ڏينھن تي ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ مشاعرو

سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيشن پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ سنڌي ٿقافتي ڏھاڙو


6 ڊسمبر 2013 تي سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيشن پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ سنڌي ٿقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو۔جنھن ۾ سنڌ جي ناليوارن شاعرن اديبن،سگھڙن ،سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔
مشاعري جي صدارت عبداالغفارتبسم ڪئي ۔
جڏھن ته شاعرن ۾ ڪوثر ٻرڙو،ھدايت بلوچ،عبدالستار ڀٽي، عابد مظھر، ذوالفقاربھڻ، امجد دراني،منظور لاشاري ،سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۾ لعل محمد چانڊيو،محمد رمضان رند،مخدوم شمس، مولابخش چنڊ سنڌ جي ثقافت ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريرون ڪيون۔
صدارتي تقريب کي خطاب ڪندي غفار تبسم چيو ته سنڌي ثقافت کي گڏجي ھڪ ڏينھن تي ملھائڻ ھ سٺي روايت آھي۔
تقريب جي منتظم عبدالوھاب سومرو سمورن مھانن جا ٿورا مڃيا ۽ ھن عھد جو ورجاءُ ڪيو ته ھر سال سنڌ جي ٿقافت جي ڏينھن کي عيد واري ڏينھن جيان سچل ڳوٺ ۾ ملھا۔ينداسين۔
تقريب ۾ مھمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پڻ ڏنا ويا۔









 

No comments:

Post a Comment