Tuesday, October 29, 2013

محبت مشاعرو ڪچھري ۽ محفل


سچ سوشل ويلفيئر سچل ڳوٺ طرفان (محبت مشاعرو ڪچھري ۽ محفل )تاريخ20 آڪٽوبر 2013 تي ٿي گذري، جنھن جي صدارت ناليواري شاعر امداد حسيني ڪئي۔جڏھن ته خاص مھمانن ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، اصغر باغي،علي راز شر، ذوالفقاربھڻ،ڊاڪٽر عابد مظھر،ڏاتر شر،امجد دراني، سجاد ظھير،نثار منصور، شفقت کوسو،منظور خاموش ھئا۔
محبت مشاعري تقريب ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ عنايت کٽياڻ، قمبر حاجاڻو، ضيا ابڙو، ڪرم الاھي چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔
تقريب ۾ شاعرن پنھنجي شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو، جڏھن ته سگھڙن عبدالصمد لغاري ۽ منظور سومرو ۽ فنڪارعبدالخالق ۽ خير محمد صوفياڻا ڪلام ٻڌائي محفل کي گرمائي ڇڏيو۔
تقريب جي آخر ۾ سچ سوشل پيلفيئر جي چيئرمين عبدالوھاب سومرو شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا۔
صدارتي خطاب ڪندي امداد حسيني چيو ته سنڌ جي ٿقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء ھن قسم جون سرگرميون ٿيڻ گھرجن۔
 





 

No comments:

Post a Comment