Saturday, November 23, 2013

انيس انصاري اڪيڊمي طرفان سيد ڳوٺ ڪراچي ۾ نامياري شاعر غفارتبسم جي سالگرھ

ٻاويھ نومبر 2013 تي انيس انصاري اڪيڊمي طرفان سيد ڳوٺ ڪراچي ۾ نامياري شاعر
غفارتبسم جي سالگرھ جي سلسلي ۾  ھڪ پروقار تقريب ٿي گذري .تقريب جي پھرين حصي ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ، ھدايت بلوچ، امداد حسيني ۽ ٻين غفار تبسم جي ادبي خدمتن تي پنھجا ويچار ونڊيا.
تقريب جي ٻئين حصي ۾ مشاعري جي محفل ۾ سنڌي ۽ اردو جي شاعرن پنھنجي شاعري پڙھي داد حاصل ڪيو.
جڏھن ته انيس انصاري اڪيڊمي جي سرواڻ اسحاق انصاري آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظھار ڪيو ته انيس انصاري طرفان ھن قسم جون تقريبون ايندڙ ڏينھن ۾ به جاري رھنديون.
Photography By:
Zulfiqar Behan
























No comments:

Post a Comment