Friday, November 8, 2013

sindhi litrary and Cultral activities Karachi



سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران منعقد ڪيل سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ تقريب جو اکين ڏٺو احوال

رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

قوم جي سڃاڻپ سندس ثقافت، ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيء مان ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مضبوط ناهي ته اها قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندي رهندي آهي. سنڌي قوم دنيا جي خوشقسمت قومن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ٻولي ۽ ثقافت جي سفير فنڪارن جي سهائتا ۽ مڃتا لاء گهڻي وقت کان ڪوشان آهي. گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي گڏيل سهڪار سان سنڌي فن سان لاڳاپيل سنڌ ڌرتيء جي شخصيتن سان گڏ قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي مڃتا ۽ ڀيٽا طور سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 ڏيڻ واري تقريب ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي. هن تقريب ۾ سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۽ فن سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جن کي ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا. تقريب جي خاص مهمانن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ناصر شاهه ، جڏهن ته ٻين خاص مهمانن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو چيئرمين حميد ڀٽو، نظر محمد ڳاهو، ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري شمس جعفراڻي، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر شفقت عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثقافت کاتو سنڌ اعجاز شيخ، ايس ايس پي عاشق بوزدار، تاج جويو، مختيار ساريو، شهاب منگي، ايس ايس پي روگن ۽ ٻيا شامل هئا. هي تقريب ان ڪري به منفرد هئي جو سنڌ جي سمورن چينلز سان واسطو رکندڙ اداڪار، راڳي، ميزبان ۽ ڊائريڪٽرز هڪ ئي هال ۾ موجود هيا.
هن تقريب ۾ محفل موسيقي جو به بندوبست هيو جنهن ۾ لنڊن کان آيل ساره جان پيٽر، مظهر حسين، واحد لاشاري، سجاد يوسف، بادل راهي ۽ نروده پنهنجي ڪلاسيڪل ۽ لائيٽ ميوزڪ ذريعي ماڻهن کي جهومايو. ان موقعي تي ٽرسٽ جي سيڪريتري جنرل رشيد چارڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا جڏهن ته چيئرمين حميد ڀٽي چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه ثقافت ۽ فن کي هٿي وٺرائي آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته فنڪارن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته هن تقريب ۾ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته قومي ميڊيا کي پنهنجي ڌارا ۾ آڻيون جيئن سنڌي ثقافت ۽ فنڪارن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملي سگهن. هن سنڌ فنڪار ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي قيام جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. فلم اسٽار سعود چيو ته هي ايوارڊ وٺي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان جون گهڻيون فني سرگرميون ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ڪراچي سنڌ جو حصو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر ٿيٽر ۽ فلم انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان سڀني لاء روزگار جا موقعا نڪرندا. نامياري اداڪاره سڪينه سمون پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ فنڪار جي هن سرگرمي تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ فنڪار قومي ميڊيا ۽ سنڌي فنڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي نئون ٽرينڊ متعارف ڪيو آهي. ان موقعي تي گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار ماني پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فنڪارن کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ فلم اسٽا سعود، گلوڪاره ساره جان پيٽر، آج ٽي وي جي مارننگ شو هوسٽ نصرت حارث، لاريب ٿيٻا، عمران زيدي، ميزبان سلمان ثاقب (ماني)، ماڊل ۽ هوسٽ نيلم منير، ليکڪ ۽ اداڪار محسن گيلاني، ڪاميڊين ۽ اداڪار شهزاد رضا، اداڪار اڪبر سبحاني با يونس، گلوڪار احمد جهانزيب، ڪرمنل موسٽ وانٽيڊ جو ميزبان علي رضا، اداڪار اسلم شيخ، ڊائريڪٽر علي اڪبر پٺاڻ، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طاهر جتوئي، موسيقار استاد اظهر حسين، هوسٽ ياسمين مرزا، گلوڪار ظفر رامي ۽ شاداب اسٽوڊيو جي اشفاق احمد کي اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا.
ان موقعي تي سنڌي ميڊيا مان شهباز دراني، ممتاز ڪنول، گلاب چانڊيو، گلوڪاره ثمينه ڪنول، سائل آزاد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ، فلم اسٽار وسيم راجا، اداڪار شهباز بلوچ، اسرار لغاري، منير پٺاڻ، مزاحيه اداڪار لطيف منا، نيوز ڊائريڪٽر اشفاق آذر، رزاق سروهي، رئوف چانديو، فياص نائچ، ۽ سنڌي ويب سائيٽ سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. ميڊيا، فن، ڊارما، راڳ، نيوز ۽ صحافت جي 33 مخلف ڪيٽيگريز ۾ ٽن نامزدگين مان چونڊ ڪري ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنا ويا. جن مان بهترين راڳي سيمي ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ مظهر حسين، لائٽ ميوزڪ فيميل جو ايوارڊ شهنيلا علي، بهترين راڳي جو ايوارڊ منظور سخيراڻي، بهترين راڳي لائيٽ ميوزڪ سجاد يوسف، لائيٽ ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ واحد لاشاري، بهترين موسيقار جو ايوارڊ عرفان سمون کي ڏنو ويو. بهترين فلمي اداڪار جو ايوارڊ اسد قريشي، بهترين ڊراما اداڪار ميجر رول ٽي وي اسماعيل چانڊيو، ڪريڪٽر ايڪٽر جو ايوارڊ حسين قادري ۽ قمر ميمڻ، بهترين اداڪاره جو ايوارڊ نسرين ناز، شهناز ڀٽي ۽ نسرين ناز، ينگ ڊراما اداڪار جو ايوارڊ مصطفى عباسي، ينگ ڊراما اداڪاره عُروسه قريشي، ڊراما اداڪاره ميجر رول ريحانه کوکر، سپورٽنگ اداڪاره ريحانه تبسم کي ڏنو ويو. بهترين نيوز ڪاسٽر فيميل ناجيه مير، بهترين نيوز ڪاسٽر سڪندر بلوچ، بهترين ڪاميڊين جو ايوارڊ علي گل ملاح، سينيئر ڪاميڊين جو ايوارڊ رشيد چارڻ، ٽي وي اينڪر فيميل جويريه عبيد، ٽي وي اينڪر فيميل ڪرنٽ افيئر عرفانه ملاح ۽ زاهده تاج ابڙو، ٽي وي اينڪر مارننگ شو سجاد سهاڳ، وي جي ٽي وي پروگرام ياسر شورو، ٽي وي وي جي فيميل ڪرن لغاري، ڪلچرل رپورٽنگ مصطفى ملاح، بهترين آر جي ريڊيو ياسر قاضي، ڊراما ڊائريڪٽر آرٽ پلي فاروق رند، ڊراما ڊائريڪٽر جنرل اسلم ڀٽو، ٽي وي ڊراما ليکڪ محمود مغل، ڊائريڪٽر مارننگ شو جو ايوارڊ رزاق مسڻ کي ڏنو ويو.
تقريب ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي ويبسائيٽ جي مهورت پڻ ٿي. سنڌ فنڪار جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ ويبسائيٽ بابت پريزنٽيشن پيش ڪئي ۽ ويب سائيٽ جا تفصيل ونڊيا. سنڌ فنڪار ويفيئر ٽرسٽ لاء ڪم ڪندڙ مختلف عهديدارن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. پروگرام جي ڪمپيئرنگ رشيد چارڻ، حميد ڀٽو، سهراب سومرو، علي گل ملاح، سيد فدا حسين شاهه، ثاقب ابڙو، سيم خان ۽ فصيحا خان ڪري رهيا هيا.
آخر ۾ مهمان خاص سيد ناصر شاهه چيو ته ثقافت لاء سنڌ فنڪار جون خدمتون قابل تعريف آهن. هن واعدو ڪيو ته هو فنڪارن جي سهوليتن ۽ سهائتا لاء هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. جڏهن ته مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مختلف عهديدارن پاران پيش ڪيا ويا، ان سان گڏ محبوب گل پاران مهمانن کي گلن جا تحفا ڏنا ويا. ڪبير لاڙائي سنڌو پاران مهمانن لاء بوتلن جو اهتمام ڪيو ويو. اهڙي طرح رات دير تائين هلندڙ هيء تقريب سنهري يادون ڇڏي نين اميدن سان گڏ اختمام پذير ٿي. 















 

No comments:

Post a Comment